رياض منگي

رياض منگي

رياض منگي

رياض منگي: مصور، رياض ولد محمد انور منگيءَ 14 سيپٽمبر 1966ع تي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم گورنمينٽ پي. وي اسڪول لاڙڪاڻي، مئٽرڪ گورنمينٽ پائليٽ سيڪنڊري اسڪول لاڙڪاڻي ۽ انٽر گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان ڪيائين. ايم. اي فائن آرٽس سنڌ يونيورسٽي، ڄام شوري مان فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن سان پاس ڪيائين. کيس مصوريءَ سان لڳاءُ ننڍپڻ کان ئي هو. سندس لاڙو مجسمي سازيءَ طرف وڌيڪ هو. سندس مجسمي سازيءَ جي شوق اڳتي هلي کيس بهترين مجسمي ساز بڻائي ڇڏيو. سندس پينٽنگس جو محور ۽ مرڪز اڪثر معاشري جا اهڙا ڏک درد آهن، جيڪي هاڻي ناسور بڻجي چڪا آهن. رياض منگي، معاشرتي مسئلن کي پنهنجي فن پارن جو روپ ڏئي مهارت سان ڏسندڙن آڏو پيش ڪري ٿو. اهو اندازو سندس پينٽنگن ۽ مجسمن کي ڏسي لڳائي سگھجي ٿو. رياض منگيءَ جي تصويرن جون نمائشون 1984ع ۾ نيشنل ڪاليج آف آرٽس لاهور، ڪراچي، اسلام آباد ۽ ٻين ڪيترين هنڌن تي منعقد ٿي چڪيون آهن. سندس لاڙڪاڻي واري گھر ۾ هڪ ننڍڙي آرٽ گئلري موجود آهي، جيڪا پڻ ڏسڻ وٽان آهي. اڄڪلهه پي. آءِ. اي ڪراچي ۾ ملازمت ڪري رهيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو